21 جمعو , سيپٽمبر 2018

منهنجو مشن پورو ٿي ويو، هاڻي گهر ويهندس، ڪاروبار ڪندس: جهانگير ترين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي جهانگير ترين چيو آهي ته منهنجو ڪم پورو ٿي ويو آهي، هاڻي هر ويهندس ۽ فارمنگ ڪندس. هڪ بيان ۾ جهانگير ترين چيو ته منهنجو ڪم پورو ٿي ويو آهي ۽ مان هاڻي ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو آهيان. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي نمبر گيم پورو ٿيڻ ۾ منهنجو ڪو ڪردار نه هو، اهو هڪ مشن هو جيڪو پورو ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته مان هاڻي گهر ويهندس، فارمنگ ڪندس ۽ ڪاروبار ڪندس. جهانگير ترين چيو ته عمران خان 22 سالن تائين اڻٿڪ جدوجهد ڪئي آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو 100 ڏينهن جو پلان تيار آهي، مون کي اعتماد آهي ته سڀني جي نيت صاف آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے