25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ، پيرسن شهري شهيد

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ملڪ جو 22 هون وزيراعظم بڻجي ويو آهي پر سندس قسم کڻڻ جي تقريب سان گڏ ئي ڀارت ڪنٽرول لائن جي ڊنا سيڪٽر ۾ بنا جواز فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هڪ پاڪستاني شهري شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڊنا سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ موچي ڳوٺ جو 65 ورهين جو شهري ذوالفقار شهيد ٿي ويو. ترجمان موجب ڀارتي فوج شهري آباديءَ کي نشانو بڻايو جنهن تي پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ ڀارتي چوڪين کي نشانو بڻايو جنهن سبب دشمن مورچا ڇڏي ڀڄي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے