23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڄام ڪمال بلوچستان جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان عوامي پارٽيءَ جو ڄام ڪمال صوبي جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو آهي. بلوچستان اسيمبليءَ جي نئين قائد ايوان اجلاس نئين چونڊيل اسپيڪر عبدالقدوس بزنجي جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اڳوڻي وڏي وزير ثناءَ الله زهري پنهنجي ميمبرشپ جو قسم کنيو. صوبي ۾ وڏ وزارت لاءِ بلوچستان عوامي پارٽي جي ڄام ڪمال جو مقابلو مجلس عمل جي مير يونس عزيز زهري سان ٿيو. اسپيڪر قائد ايوان جي چونڊ لاءِ 2 لابيون ٺاهيون جنهن ۾ ڄام ڪمال کي ووٽ ڏيڻ لاءِ لابي اي جڏهن ته يونس زهري لاءِ لابي بي بڻائي وئي. ان موقعي تي مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير ثناءَ الله زهري ڄام ڪمال کي ووٽ ڏنو. وڏي وزير لاءِ ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد اسپيڪر نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته اسيمبلي ۾مجموعي طور تي 59 ووٽ ڪاسٽ ٿيا جنهن ۾ ڄام ڪمال کي 39 ووٽ مليا جڏهن ته يونس زهري 20 ووٽ حاصل ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے