26 اربع , سيپٽمبر 2018

مسافرن کان من پسند ڀاڙا اوڳاڙيندڙ ٽرانسپورٽرن کي ناڪيلي وجهو

هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو عيد جي موقعي تي ٽرانسپورٽرن من مستي ڪندي ڀاڙا آسمان تي پهچائي ڇڏيا آهن. جڏهن به ڪو اهم موقعو يا عيد وغيره ايندي آهي ته ٽرانسپورٽر سرڪار جي منظوري، لاڳاپيل اختيارين کان پڇڻ بنا ڀاڙن ۾ ڳاٽي توڙ اضافو ڪري ٿا ڇڏين ۽ کائن پڇڻ آکڻ وارو ڪير به ڪين ٿو هجي.

هن ڀيري عيدالعضحيٰ جي موقعي تي ٽرانسپورٽرن، عيد کان چار پنج ڏينهن اڳ ئي ڀاڙن ۾ 50 کان 100 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. چون ٿا ته ڪراچي کان لاڙڪاڻي، يا ڪراچي کان سکر تائين جو معمول جو ڪرايو 600 يا 700 رپيا آهي، سو تنهن کان 1200 رپيا اڳاڙيو وڃي ٿو، جيستائين عيد جو ڏينهن اچي، ان کان اڳ ئي روزانو 200 رپيا وڌيڪ ڪرايو ورتو ٿو وڃي، ڏٺو وڃي ته عيد هڪ مذهبي ڏڻ آهي جيڪا ملهائڻ لاءِ هر ڪو پنهنجي ماڳن تي پنهنجن ڳوٺن ۽ پنهنجن شهرن جو رُخ ڪري ٿو، هڪڙا اهي آهن، جن جي آمدني ايتري آهي جو اهي ڳرا ۽ ڳاٽي ٽوڙ ڀاڙا به ڀري سگهن، پر انهن چند ماڻهو هوندا، محدود طبقو هوندو، اسان جي معاشري ۾ اڪثريت هيٺئين وچولي طبقي جي ماڻهن جي رهي آهي، جيڪا هر وقت ڳڀي جي ڳولا ۾ هجي ٿي، عياشي ۽ آرائشي زندگي ته ڇڏيو، پر ٽن وقتن جي گذر سفر ٿيڻ ئي انهن لاءِ وڏي غنيمت هوندو آهي.

سو اسان جو سماج جنهن جي اڪثريت هيٺئين وچولي طبقي سان تعلق رکي ٿي هاري ۽ مزدور مشتمل آهي، هي اهو طبقو آهي ته جيڪو ڏهاڙي ڪمائي ٿو ۽ ڏهاڙي کپائي ٿو ۽ ان مان ٿوري ٿڪي جيڪا بچت عيد وغيره جي موقعن تي خوشين جي خريد لاءِ ڪري ٿو، سان ٽرانسپورٽرن ۽ واپارين جي ڀڀَ جي نظر ٿيو وڃي ٿي، دنيا جي سڌريل ۽ مُهذب ملڪن ۾ عوام کي جديد ۽ سستي ٽرانسپورٽ جي فراهمي حڪومت جي ذميوارين ۾ شامل آهي، سرڪاري سطح تي بسون ۽ جديد قسم جون ريل گاڏيون هلائي عوام کي نه رڳو سستي آرائشي ٽرانسپورٽ فراهم ڪئي وڃي ٿي پر انهن ئي شعبي ۾ جدت ذريعي عوام کي ڄڻ ته ٽرانسپورٽ واري تفريح جو سامان به مهيا ڪيو وڃي ٿو.

اسان وٽ وري چرخوئي اُبتو آهي، جنهن تيزي سان آبادي ۾ واڌ ٿي رهي آهي تنهن کي ڏسندي ان لاءِ اڳواٽ ئي صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ سفري سهولتن جو بندوبست ڪرڻ بدران اداري جو رهيو کهيو نور به ڏيڻ ته چٽ ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ سرڪاري سطح عوام کي سستي ٽرانسپورٽ جي مهيا ڪرڻ وارو ادارو سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (ايس،آر،ٽي،سي) ڪي ئي ورهيا ٿيا جو بند ٿي ويو ان جي انتظام هيٺ جيڪي بسون هيون سي ڪي ڪراچي ته ڪي وري حيدرآباد جي ايس آر ٽي سي گرائونڊ تي بيهي بيهي ڪٽجي ويون ۽ آخر ڪار ڪٻاڙ خاني جي حوالي ٿيون، ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته ان اداري جي زوال جا سبب جاچي انهن جو ازالو ڪيو وڃي ها، جيڪي رهيون کيون بسون هيون سي به بيهاري ڇڏڻ بدران انهن تي ڪم ڪرائي روڊن تي آڻجن ها، گڏوگڏ نيون بسون به سرڪاري طور خريد ڪري عوام کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ها ته اڄ سنڌ ۾ خانگي ٽرانسپورٽرن جي جيڪا هڪ هٽي آهي سا نه هجي ها.

اصل ۾ اسان وٽ ادارن جي مالڪي ڪرڻ انهن جو تحفظ ڪرڻ انهن بهتري آڻڻ بدران هر شئي جي ۽ هر شعبي جي بهتري خانگي شعبي ۾ سمجهڻ واري روش اڪثر ادارن کي ويهاري ڇڏيو آهي ۽ جيڪي اڇا به پاڻ ڀرا آهن ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڊليور ڪري رهيا آهن سي به زوال ڏانهن وڌي رهيا آهن، صحت جي شعبي ۾ بهتري جو جواز ڄاڻائي اسپتالون خانگي شعبي کي ڏيڻ اسڪول هلائڻ لاءِ خانگي شعبي کي ڏيڻ، ٽرانسپورٽ جي شعبي مان هٿ ڪڍي مڪمل طرح خانگي شعبي حوالي ڪرڻ جو نتيجو آهي جو ڪو به ادارو سئين پير ناهي، ملڪ ۽ سماج سرڪار جي سرپرستيءَ کان سواءِ گهربل ترقي ڪري نٿا سگهن، ايئن ئي جيڪي وسيلا ۽ افرادي قوت سرڪار وٽ آهي سا خانگي شعبي وٽ ناهي، سوا دارا جيڪا ترقي سرڪار جي هٿ هيٺ هوندي ڪري سگهن ٿا سا خانگي شعبي ذريعي قطحي طور نه ٿا ڪري سگهن.

خانگي شعبو يا غير سرڪاري تنظيمون جيڪي ادارا ٺيڪي تي کڻن ٿيون، پنهنجي هٿ وٺن ٿيون سي لازمي آهي انهن ادارن مان نفو ڪمائڻ چاهن ٿيون سو اهي انهن ادارن کي اهڙي نموني هلائن ٿيون جيئن نفحو ڪمائي سگهن، جڏهن ته انهن جي ڀيٽ ۾ سرڪار خاص ڪري عوام جي چونڊيل حڪومت جو نبصب العين ئي عوام جي خدمت هجي ٿو، تنهن ڪري ان جو سمورو ڌيان به عوام کي سهولتن جي فراهمي تي هجي ٿو، سو ادارا جيڪا ترقي سرڪار جي مالڪي هيٺ ڪري سگهن ٿا، سا خانگي شعبي ذريعي قطئي طور نه ٿا ڪري سگهن. اسپتالون اسڪول ۽ ٽرانسپورٽ بنيادي شعبا آهن، جن جو سڌو سنئون هيٺين سطح تائين عوام سان تعلق آهي، يعني عام ماڻهو سان تعلق آهي، اهي وڪڻڻ سان انهن جي ڀوڳنا عام ماڻهو کي ئي ڀوڳڻي پوندي آهي.

رهي سنڌ ۾ ٽرانسپورٽرن جي من مستي جي ڳالهه ته سرڪاري سطح تي ڪو اثرائتو ميڪنزم نه هئڻ، ڪو جوڳو چيڪ اينڊ بيلنس نه هئڻ ڪري ٽرانسپورٽرن خلاف نه ته ڪارروائي ٿئي ٿي ۽ وري ڪو پڇاڻو، سرڪاري سطح تي اهڙو جي ڪو ميڪنزم آهي به کڻي، اهڙو ڪو چيڪ اينڊ بيلنس آهي به کڻي ته اهو بي اثر آهي، ڪاغذن ۽ فائيلن تائين محدود آهي، ڪمزور سرڪاري پاليسين جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن سرڪار ۽ سرڪاري ادارا ٽرانسپورٽرن اڳيان بليڪ ميل ٿيندي نظر ايندا آهن، سرڪار کي عوام کي سک ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجا مڪمل اختيار استعمال ڪرڻ گهرجن، عيد ته ٺهيو هر ٻئي. ٽئين مهيني پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ جيڪا واڌ ٿئي ٿي، ٽرانسپورٽر ان واڌ بدران پنهنجي حساب سان ڪراين ۾ اضافو ڪري ٿا ڇڏين، مثال پيٽرول في ليٽر تي جي 10 رپيا وڌي ٿو ته ٽرانسپورٽر اتي مسافر کان 10 کان 20 رپيا ڀاڙو وڌائي ٿا ڇڏين ۽ کانن ڪير به پڇڻ آکڻ وارو نڌڪو ٿو هجي، اهڙي طرح عيد ويجهو ايندي ئي انهن طرفان هر ڀيري ڀاڙن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ معمول ٿيو وڃي ٿي، جنهن کي ٻُنجو ڏيڻ جي ضرورت آهي، ته سرڪار کي اهڙو ميڪنزم اختيار ڪرڻ ۽ ان تي عمل يقيني بنائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن  ٽرانسپورٽر سرڪار جي منظوريءَ بنا پاڻ هرتو ڀاڙا وڌائي نه سگهن، ٻيو ته ٽرانسپورٽ تان خانگي شعبي جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ لاءِ سرڪاري شعبي جي ٽرانسپورٽ سسٽم کي مضبوط ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

ڇنڇر 18 آگسٽ 2018ع، 6 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪربلا جو واقعو ۽ حق جي فتح

ڪربلا جو واقعو سموري اسلامي تاريخ ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ عظيم تاريخي واقعي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے