20 خميس , سيپٽمبر 2018

نعيم الحق کي بني گالا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو، دلچسپ صورتحال

Naeem ul Haq was prevented from entering Bana Gala, an interesting situationاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ نعيم الحق کي بني گالا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو جنهن تي هو ڪاوڙجي پيو ۽ سڪيورٽي گارڊ کي کريون ٻڌائي ڇڏيون. عمران خان جي قسم کڻڻ جي تقريب کان اڳ نعيم الحق بني گالا پهتو ته جيئن ڪپتان سان گڏ ايوان صدر پهچي سگهي پر تنهن وقت وائڙو ٿي ويو جڏهن سڪيورٽي کيس مين گيٽ تي روڪي ڇڏيو ۽ اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني. نعيم الحق سڪيورٽي کان پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن طرفان کيس روڪيو ويو آهي جنهن تي سڪيورٽي گارڊ جواب ڏنو ته خان صاحب جي چيف آف اسٽاف ميجر عمر منع ڪيو آهي. نعيم الحق شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪهڙو ميجرعمر، هو پاڻ منهنجي انڊر ڪم ڪندو آهي، ڪمال ڪيو ٿا، ڇا توهان مون کي نه ٿا سڃاڻو، بيوقوفي جي ڳالهه ڪيو ٿا، کوليو در، ڇڏيو ميجر عمر کي، مذاق لڳائي رکيو آهي، مان خان صاحب کي وٺڻ آيو آهيان. سڪيورٽي نعيم الحق جي ڪاوڙ کي نظرانداز ڪندي کيس اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني جنهن تي نعيم الحق فون ڪري سڪيورٽي سان ڳالهرايو جنهن تي کيس اندر وڃڻ جي اجازت ملي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے