22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ بهترين سهولت جو اعلان ڪري ڇڏيو

Wats announced the best service for app widespreadڪراچي(ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ استعمال ڪندڙ ڏيڍ ارب کان وڌيڪ واهپيدارن لاءِ سٺي خبر آهي ته هلندڙ سال نومبر کان واٽس ايپ پنهنجو چيٽنگ گوگل ڊرائيو تي اسٽور ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي اسٽوريج اسپيس جي قرباني نه ڏيڻي پوندي. هن وقت واٽس ايپ ڊيٽا کي جڏهن گوگل ڊرائيو تي بيڪ اپ طور محفوظ ڪيو ويندو آهي ته واٽس ايپ ان ڪلائوڊ سروس ۾ موجود جاءِ قبضو ڪري وٺندو آهي. پر هاڻ فيسبڪ جي ملڪيت هيٺ ڪمپني گوگل هڪ معاهدو ڪيو آهي جنهن تحت اهو بيڪ اپ مڪمل مفت هوندو يعني اسٽوريج ۾ هڪ ايم بي جي گهٽتائي به نه ايندي. واٽس ايپ ڊيٽا بيڪ اپ کي گوگل تي اپ لوڊ ڪرڻ انڪري به فائديمند آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن فون خراب ٿي وڃي ته يا گم ٿي وڃي ته ميسجنگ رڪارڊ، تصويرون ۽ ويڊيوز وغيرا ٻيهر حاصل ڪر سگهجن ٿيون. واٽس ايپ ٻين ميسجنگ اپليڪشنز کان ڪجهه مختلف آهي جن جا مسيجز انهن جي سروس تي ئي اسٽور ٿيندا آهن.واٽس ايپ ۾ ڊيٽا بيڪ اپ لاءِ ڪنهن ٻي ڪمپني جي ڪلائوڊ سروس جو استعمال ڪري ان کي فون ۾ موجود ڊيٽا سان منسلڪ ڪيو ويندو آهي. ايپل واهپيدار جو ڊيٽا آءِ ڪلائوڊ جڏهن ته اينڊرائيڊ واهپيدارن جو گوگل ڊرائيو تي محفوظ ٿيندو آهي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکو جيڪڏهن توهان واٽس ايپ بيڪ اپ کي هڪ سال تائين اپ ڊيٽ ناهي ڪيو ته اتي موجود سمورو رڪارڊ نومبر ۾ اپ ڊيٽ بعد اُڏري ويندو. ڪمپني واهپيدارن مشورو ڏنو آهي ته ڪنهن به بيڪ اپ کي گوگل ڊرائيو تي اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ فون کي وائي فائي سان ڪنڪٽ ڪيو ڇاڪاڻ تي موبائل ڊيٽا تي ڪافي خرچ اچي سگهي ٿو. جيڪڏهن توهان هن وقت تائين واٽس ايپ ڊيٽا گوگل ڊرائيو تي اپ لوڊ ناهي ڪيو ته ان لاءِ ايپ جي سيٽگنز ۾ وڃي چيٽ جي آپشنز ۾ چيٽ بيڪ اپ تي ڪلڪ ڪيو  ۽ اتي بيڪ اپ آپشن تي ڪلڪ ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Facebook announced fake newsletters to watch videos and images

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے