22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي: آپڪا پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

Kotri: Youka against protesters' meetingڪوٽڙي  ۾ آپڪا ڄامشورو ۽ حيدرآباد جو گڏيل اجلاس بعد ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ڊويزنل صدر نديم احمد آرائين جي صدارت  ھيٺ ٿيل اجلاس ۾ آپڪا اڳوڻن نياز حسين خاصخيلي، ايم اي ڀرڳڙي، شاهد حسين سومرو، سيد عبدالله شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 اجلاس ۾ ايجنڊا تي تفصيلي بحث بعد فيصلا ڪيا ويا، جنھن بعد سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي 45 ملازمن جون پگھارون نه ٿيڻ تي احتجاج مظاھرو ڪيو ويو.

اڳواڻن چيو ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن سيڪٽر سوين ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ ، ٻج تيار ڪرڻ جو ايشيا ۾ وڏو ڪارخانو، مشينري ۽ ٻين سهولتن جو مالڪ هجڻ باوجود ملازم پنهنجي حقن کان محروم آهن، ۽ هو پگهارن لاءِ عيد جي موقعي تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته ضلعي ڄامشورو جي ملازمن سان انتقامي ڪاروائي ڪندڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڄام شورو خلاف سخت قانوني قدم کنيا وڃن ۽ غيرقانوني بيقائدگين جي جاچ عمل کي تيز ڪيو وڃي.

ٻي پاسي  اڳواڻن الزام هنيو ته سنڌ مدرست الاسلام يونيورسٽي ڪراچي جو وائس چانسلر پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ هڪ سئو 13 ملازمن کي جبري طور برطرف ۽ ريٽائر ڪيوآهي، جيڪو عمل انساني حقن جي لتاڙ آهي………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kunb

نيوز | ڪنب: سنڌ حڪومت اسپتالن ۾ ڪا به سهولت ناهي ڏني: اين جي او آرگنائيزر شرف الدين

آل پاڪستان اين جي اوز الائنس سنڌ جي چيف آرگنائيز شرف الدين تمراڻي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے