20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: بدين: منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪبي: ايس ايس پي

Badin: Activists involved in drug business can be acted against: SSP بدين ۾ نئين مقرر ايس ايس پي حسن سردار نيازي صحافين سان تعارفي ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ ڳالهائيندي ايس ايس پي بدين حسن سردار نيازي چيو ته بدين ۾ منشيات جي ڪاروبار ۾ ڪجهه پوليس اهلڪارن جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته بدين ۾ ڪرائم گهٽ آهي، پر منشيات جو وڪرو چوٽ چڙهيل آهي، ان کي روڪيو ويندو، ضلعي جي سمورن ٿاڻن کي عوام کي انصاف ڏيڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

سندس چوڻ هو ته هو گهڻو وقت ڪراچي ۾ رهيو آهي، پر بدين اچڻ تي کيس خوشي ٿي رهي آهي.

ملاقات ۾ عوامي آواز جي رپورٽر رازق ڏني کوسي، ايون صحافت بدين جي صدر هارون گوپانگ ۽ بدين پريس ڪلب جي صدر تنوير آرائين سميت ٻين صحافين شرڪت ڪئي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے