23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪشميرين کي نئين چونڊيل حڪومت ۽ عمران خان مان ڪيتريون ئي اميدون آهن: مشعال ملڪ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ جو چوڻ آهي ته ڪشميرين کي نئين چونڊيل حڪومت ۽ عمران خان مان ڪيتريون ئي اميدون آهن. دعا آهي ته نئين چونڊيل حڪومت ڪشميرين جي اميدن تي پورو لهي. تفصيل موجب اسلام آباد ۾ وڻ ڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مشعال ملڪ چيو ته چار جو وڻ جنت نظير وادي جي سڃاڻپ آهي، قوم کي وڻ ڪاري مهم ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ گهرجي، سبز هلالي جهنڊي جيان پاڪستان کي سر سبز بڻائينداسين. مشعال ملڪ جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جيان پاڪستان کي سرسبز ڏسڻ جي خواهش آهي، هندوستان پاڻي روڪي پاڪستان کي رڻ پٽ بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته دنيا ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي بابت پاڪستاني ڪوشش کي قبولي رهي آهي، پاڪستان کي جنت نظير ڪشمير جهڙو سرسبز ۽ شاداب ملڪ بڻائينداسين. وادي ڪشمير ۾ هر وقت پاڪستان زندهه باد جون صدائون گونجن ٿيون. حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جي سرسبز وادي کي رت سان رڱيو ويو آهي. مودي سرڪاري ٻڌي ڇڏي ته لاش ڪيرائي امن نٿو آڻي سگهجي، اميد آهي ته ڪشميرين کي جلد آزادي جي صبح ڏسڻ نصيب ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے