26 اربع , سيپٽمبر 2018

چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ پارليماني ڪميشن بڻائي وڃي: شهباز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽين طرفان مطالبو ڪيون ٿا ته چونڊن ۾ ڌانڏلي جي جاچ لاءِ پارليماني ڪميشن بڻائي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ وزير اعظم جي چونڊ بعد خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو چوڻ هو ته تازيون چونڊون ملڪي تاريخن جو انتهائي تڪراري ۽ ڌانڌلي سٽيل هيون، سڄي قوم انهن چونڊن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته اسان مخالف ڌر طرفان مطالبو ڪيون ٿا ته پارليماني ڪميشن بڻائي وڃي جيڪا ڌانڏلي جي جاچ ڪري 30 ڏينهن ۾ ايوان جي اندر ۽ عوام جي سامهون رپورٽ پيش ڪري ۽ ذميوارن کي ڳولهي انهن کي سزا ڏياري. شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڪميشن پنهنجون سفارشون پيش ڪري جنهن بعد اليڪشن قانون 2017ع ۾ ضروري ترميمون ڪيون وڃن جيئن ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي جو دروازو بند ٿي سگهي جڏهن ته اسان ووٽ جي چوري جو حساب وٺنداسين، جنهن ڌاڙو هنيو، ان جو احتساب ٿيندو، اسان ايوان ۾ ڌانڌلي ٿيل اليڪشن جو تحفظ ڪرڻ نه پر احتجاج جي طور تي آيا آهيون ۽ جمهوري عمل کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته جڏهن اسان پنهنجو حق گهرائينداسين ته ايوان تي لعنت نه موڪلينداسين، پارليامينٽ تي حملو نه ڪنداسين، سپريم ڪورٽ جي ججن کي ردتو تبديل ڪرڻ تي مجبور نه ڪنداسين، بجلي ۽ گيس جي بلن کي ساڙينداسين نه، پرڏيهي سربراهنن جي دورن کي تار تار نه ڪنداسين. شهباز شريف جو چوڻ هو ته اِها ڪهڙي چونڊ هئي جو ميڊيا کي پولنگ اسٽيشنن ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے