26 اربع , سيپٽمبر 2018

خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل وڏي وزير محمود خان عهدي جو حلف کڻي ورتو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل وڏي وزي محمود خان پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو. حلف برداري واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي جتي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا وڏي وزير محمود خان کان حلف ورتو. حلف برداري واري تقريب ۾ پي ٽي آءِ جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبي جي اهم آفيسرن سميت ٻيا به تقريب ۾ موجود هئا. خيبرپختونخواهه جي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا حلف کڻڻ بعد نئين چونڊيل وڏي وزير کي مبارڪ ڏني. ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبر پختونخواهه ڪابينا ۾ وزيرن جي شموليت بابت ڳالهيون به شروع ڪيون ويون جنهن جي حتمي منظوري چيئرمين عمران خان ڏيندو. پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا ۾ وڌ کان وڌ اڳوڻا وزير شامل ڪرڻ جا امڪان آهن، اشتياق ارمڙ، شاهه محمد خان، خليل الرحمان، ضيا الله بنگش ۽ تيمور سليم جهڳڙا کي وزير بڻائڻ ج اامڪان آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے