21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي : رهواسين پاران سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ناانصافين خلاف احتجاج

Kotri: by Majority Sehwan Development Authority to protest against the naansafyn*ڪوٽڙي ۾ رهواسين پاران سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سائيٽ جي علائقي خدا جي بستي جي رهواسين محمد جمن، علي اصغر ۽ ذاڪر سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ناانصافين خلاف ايس ڊي او آفيس آڏو احتجاج ڪيو.

رهواسين الزام هنيو ته سيوهڻ ڊولپمنيٽ اٿارٽي پاران وڪرو ڪيل زمين هنن 1987 ۾ ايس ڊي اي کان ئي خريد ڪئي  آهي، پر لنيڊ آفيسر ۽ ٻيا آفيسر ملي ڀڳت ڪري زمين ڪنهن ٻئي ڌر کي وڪرو ڪري ڇڏي آهي.

هنن چيو ته  هو 30 ورهين کان هتي ترسيل آهي، پر هاڻي ايس ڊي اي ۽ قبضا مافيا ملي ڀڳت ڪري زمينن جا کاتا تبديل ڪري مالڪاڻا حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي.

سندن چوڻ هو ته اداري ۾ ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود  ڪو به آفيسر ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي.

رهواسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪن………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | قاضي احمد: عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

قاضي احمد شھر  ۾ عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي  عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو قديمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے