21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪنڌڪوٽ: پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو، شڪارپور واسي اغوا ٿيل نوجوان آزاد

Kandhkot police than with the bandits, Shikarpur citizens kidnapped young independent*ڪنڌڪوٽ پوليس ڌاڙيلن سان مقابلي بعد شڪارپور واسي اغوا ٿيل نوجوان کي آزاد ڪرائي ورتو آهي.

شڪارپور واسي عبيدالله مهر کي ڌاڙيلن 2 مهينا اڳ عورتاڻي آواز ۾ گهرائي اغوا ڪري ورتو هو جنهن کي ڪچو ڪيٽي پوليس ڊي ايس پي عبدالواحد کوسو جي اڳواڻي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلو ڪري آزاد ڪرايو.

ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ڪچو ڪيٽي عبدالواحد کوسو پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته هنن کي اطلاع مليو ته ڌاڙيل مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪن ٿا، جنهن بعد پوليس ڌاڙيلن سان مقابلو ڪري کيس آزاد ڪرائي ورتو.

ڊي ايس پي عبدالواحد کوسو وڌيڪ ٻڌايو ته اسان کي افسوس ٿئي ٿو ته پڙهيل لکيل ماڻهو به بيوقوف ٿي عورتاڻي آواز ۾ هرڪجي ڪچي ۾پهچن ٿا ۽ اغوا ٿي وڃن ٿا.

هن چيو ته پوليس جي اها ڪاميابي آهي ته پوليس بهادري سان ڌاڙيلن سان مقابلو ڪندي مغوي کي آزاد ڪرايو آهي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | قاضي احمد: عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

قاضي احمد شھر  ۾ عاشور  جو ڏهاڙو انتهائي  عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو قديمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے