20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: نصيرآباد : چيف جسٽس کي ڪو به قانوني حق ڪونھي ته هو ڊئم ٺھرائي: محمد علي شاهه

Naseerabad: There is no legal right to the Chief Justice that he is appointed: Muhammad Ali Shah*فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ پاڻي جي هٿرادو کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، هارين کي مظبوط تنظيم ٺاهڻي پوندي.

نصيرآباد پريس ڪلب ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد علي شاهه چيو ته آبپاشي جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ آهي، ملڪ آزاد ٿيو پر سنڌو درياءَ آزاد نه ٿيو آهي.

هن چيو ته ڪالاباغ سميت ٻيا ڊئم سنڌ رد ڪري چڪي آهي، جڏهن پاڻي ئي ڪونھي ته ڊئمن ٺاهڻ جي ڪوشش ڇو پئي ڪئي وڃي؟

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾پاڻي جي کوٽ هٿ سان ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌ کي تباھه ڪرڻ جي سازش آهي، جنھن ۾ وفاق ۽ پنجاب برابر جا شريڪ آهن.

محمد علي شاهه چيو ته چيف جسٽس کي ڪو به قانوني حق ڪونھي جو هو ڊئم ٺھرائي اهو ڪم جج جو ناهي.

هن چيو ته خبر ناهي ته سياسي پارٽيون ان عمل تي ڇو خاموش آهن، سنڌي قوم درياءَ تي بند ٻڌڻ نه ڏيندي ڇو ته اسين پاڻي کوٽ کي اڳ ئي ڀوڳي رهيا آهيون……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے