21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پاڪستان جي حوالي سان مان جيترو ٻڌو هو…! پڙهو ايوا بيانڪا جون ڇرڪائيندڙ ڳاليهون

As much as I had heard from Pakistan, the triangle of readily evident statementsڪراچي(شوبزنيوز) ايوا بيانڪ جو تعلق پولينڊ سان آهي، پر سندس رهائش لنڊن ۾ آهي، هو نيپال سميت ڪيترن ئي ملڪن جو سير سفر ڪري چڪي آهي ۽ هاڻ گذريل 6 هفتن کان پاڪستان ۾ موجود آهي. ويجهڙائي ۾ پي آءِ اي جهاز ۾ ايوا بيانڪ جي چيلنج جي دوران پاڪستان جو قومي جهنڊي کي جهولائيندي رقص واري ويڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن تي کيس مليل جليل ردعمل کي منهن ڏيڻو پيو هو. ايوا بيانڪا گذريل ڏينهن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي سير ۽ ان مان متاثر ٿيڻ جي حوالي سان دلچسپ سوالن جا جواب ڏنا. هن ٻڌايو ته پاڪستان اچڻ جي دعوت کيس سندس پاڪستاني دوست ڏني هئي، جنهن تي هن سوچو ته پاڪستان جي باري ۾ گهڻو ڪجهه چيو ويندو آهي ڇو نه ايڏانهن وڃڻ گهرجي. ايوا ٻڌايو ته هو ٻيو ڀيرو پاڪستان آئي آهي هي سندس زندگي جو سڀ کان دلچسپ سفر آهي جنهن جا کوڙ سبب آهن، هن ٻڌايو ته هو آزاداڻي طور پاڪستان جي سمورن هنڌن جو سفر ڪري چڪي آهي، عام ماڻهن سان ملي انهن کان علائقي ثقافت بابت آگاهي حاصل ڪئي. ايوا بيانڪا لنڊن جي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي آهي هن برطانوي پارليامنٽ لاءِ پڻ خدمتون انجام ڏنيون آهن ۽ ان بعد هو دنيا جي سفر تي نڪري پئي. کائنس هڪ سوال ڪيو ويو ته کيس پاڪستان ۽ هتان جي عوام جي باري ۾ ڇا پسند آهي؟ ان تي هن جواب ڏنو ته کيس پاڪستان کوڙ شيون پسند آهن، جهڙوڪ ڪراچي جي برياني تمام گهڻي مزيدار آهي، هتان جا مصالحي سان ڀرپور کاڌا تمام گهڻو پسند آيام ڪڙاهي زبردست آهي، هتان جو مٺايون پڻ تمام گهڻيون مٺيون آهن پر پوءِ به مونکي تمام گهڻو پسند آهي اهو ئي سبب آهي جو مان سوڇي رهي آهيان ته هاڻ هتي وڌيڪ ڪجهه عرصو رهجي.هن چيو ته جڏهن پاڪستان جي سياحت جي باري ۾ ڳالهايو ته کيس تمام گهڻي موٽ ملي، کيس لڳي ٿو ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ  کوڙ موقعا آهن پر ان پاسي ڏانهن ڌيان ناهي ڏنو ويو. پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت تي ڪافي ڪم ٿي سگهي ٿو، خاص طور اتر وارا علائقا تمام گهڻو خوبصورت آهن، اهو ئي سبب آهي جو مان هتي رهڻ چاهيان ٿي ۽ ان لاءِ ڪم ڪرڻ پسند ڪنديس.  ڳالهه ٻولهه دوران جڏهن کائنس سوال ڪيو ويو ته ”ڪي ڪي چيلنج“ جو خيال کيس ڇو ۽ اهو هن ڪهڙي هنڌ ڪيو؟ جنهن جي جواب ۾ هن اڄ ڪلهه ڪو نه ڪو ٽرينڊ هلي رهيو آهي، هن وقت ڪي ڪي چيلنج گردش ڪري رهيو آهي، انهن ڏينهن جشن آزادي وارا ڏينهن ويجهو هئا  اهو ئي سبب جو مان ڪراچي ۾ پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪيو. ايوا کي پاڪستان جي قومي ٻولي اردو پڻ تمام گهڻي پسند آهي هو اها سکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن ٻڌايو ته سندس نالو منهنجو نالو ايوا آهي، ۽ پاڪستان زندا آباد وارو نعرو سکي چڪي آهيان. انٽرويو جي پڄاني تي هن دنيا کي پيغام ڏيندي چيو ته پاڪستان کي موقعو ملڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان اميدن کان وڌيڪ سٺو ۽ خوبصورت ملڪ آهي، سڄي دنيا جي سياحن کي هتي اچڻ گهرجي، هتان جي سير ڪيو ۽ پاڪستان جي حوالي سان معلومات حاصل ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے