19 اربع , سيپٽمبر 2018

ورات ڪوهلي سان گڏ نٿي رهي سگهان، اهڙو ڪهڙو سبب آهي؟ انوشڪا شرما جو ڇرڪائيندڙ انٽرويو

Watts can not be mixed with cowboys, what is the reason? anushka sharma Drivers Insertممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪارا انوشڪا شرما چيو آهي ته هو  ڪم جي مصروفتين سبب هو پنهنجي گهرواري ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي سان گهڻو وقت گڏ ناهيان گذاري سگهندي. انوشڪا هن وقت پنهنجي نئين فلم” سوئي ڌاڳا“ جي مشهوري مهم مصروف آهي جيڪا ايندڙ مهيني 28 سپٽمبر تي سنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.  فلم جي مرڪزي ڪردار ۾ انوشڪا شرما سان گڏ ورون ڌون جوهري ڏيکاريندو.  فلم جي ٽريلر لانچنگ واري تقريب 12 آگسٽ تي ٿي، ان موقعي تي ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي انوشڪا شرما جو چوڻ هو ته هن فلم ۾ هن اهو سکي ورتو آهي ته سڄو ڏينهن گهر ۾ رهندڙ زال(هائوس وائف) جي زندگي ڪيئن گذرندي آهي.  هن جو چوڻ هو ته هو 15 ورهين کان ڪم ڪري رهي آهي، پر مصروفين سبب ورات ڪوهلي سان گهڻو وقت ناهيان گذاري سگهندي، اهو ئي سبب آهي جو  مونکي باقاعدا گهرو زندگي جي ڄاڻ ناهي. هن ٻڌايو ته هن فلم جو تجربو شاندار رهيو ۽ ان فلم سان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو. انوشڪا موجب هن فلم دوران هن بلڪل عام انسان جي جيان زندگي گذاري.انوشڪا شرما ۽ ڀارتي ڪرڪيٽر ورات ڪوهلي گذريل سال ڊسمبر ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا هئا، سندن جوڙي کي ڀارت جي اسٽار جوڙي قرار ڏنو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے