24 سومر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ۾ سدائين ائين ٿيندو آهي، مهرين سيد اهڙي ڳالهه ڪري ڇڏي جيڪا توهان ڪڏهن سوچي به نه هئي

The good dresses in the films play an important role: mehreen syed

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل مهرين سيد چيو آهي ته فلمن ۾ حقيقت جو رنگ ڀرڻ لاءِ جيئن ڪهاڻي ۽ ڪردار جو مضبوط هئڻ ضروري آهي تيئن ئي انهن ڪردارن موجب جيڪڏهن ڪردار ادا ڪندڙن جي  لباس تي ڌيان ڏنو وڃي ته ان سان وڌيڪ بهتري ايندي . مهرين سيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شوبز انڊسٽري جا مختلف شعبا ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي عڪاسي ڪندا آهن جهڙي طرح فلم ۽ ٽي وي ڊرامن لاءِ بهترين ڪهاڻي ضروري هوندي آهي، اهڙي طرح ڪهاڻي موجب ڪردارن ۽ لوڪيشنز جي چونڊ پڻ تمام گهڻو ضروري هوندي آهي، پوءِ ان ڪردارن جا لباس پڻ ان علائقي جي بهترين عڪاسي ڪندا آهن. اداڪارا چيو ته چئني صوبن جي پنهنجي رسم رواج ، موسيقي، ٻوليون ۽ لباسن سبب پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي جڏهن اسان پنهنجي ملڪ يا دنيا جي ڪنهن به خطي جي ڪهاڻي کي پنهنجي فلم يا ڊرامي ۾ پيش ڪندا آهيون ته اهو ضروري هوندو آهي ته اسان اتان جي ثقافت پڻ ڏيکاريون. جيڪا رڳو لباس ذريعي ئي سامهون اچي سگهي ٿي.  مهرين سيد چيو ته اسان وٽ ڪردار جي گهرج کي پورو ئي ناهي ڪيو ويندو. هتي ڪم ڪندڙ ماڻهن پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ باصلاحيت سمجهندا آهن، انڪري هو ڪنهن کي به ڪم ڪرڻ جو موقعو ناهن ڏيندا. اهو ئي سبب آهي ته ماڻهن کي تفريح مُھيا ڪرڻ واري شعبي سان لاڳاپيل آرٽسٽ پاڻ پريشان آهن. ڪيترن ئي ورهين تائين فلم انڊسٽري سخت بحران جو شڪار رهي، پر هاڻ بهتري اچي رهي آهي. ان حوالي سان جيڪڏهن انهن شين تي ڪم ڪيو وڃي ته معاملا بهتر ٿيندا ۽ فلمن جي مداحن کي پڻ بهترين تفريح ملي سگهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٺگس آف هندوستان ۾ عامر خان فرنگي ملاح جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي وڏي فلم” ٺگس آف هندوستان“ جو سڀني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے