19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊوڄام: زرعي يونيورسٽي جي ملازمن جو  عيد جي پگهار  نه ملڻ سبب احتجاج

Tandojam: Protest by Agricultural university workers against hot having salaries*زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي ملازمن کي عيد جي پگهار جي اڌ رقم نه ملڻ سبب وي سي خلاف احتجاج ڪيو، ملازم وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي  مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي  ويهي رهيا

ان موقعي ٿي ملازمن چيو ته ملڪ جي ٻين ادارن ۽ سنڌ جي ٻين يونيورسٽين ۾ ملازمن کي عيد جي پگهار اڳواٽ ملي چڪي آهي، ۽ انهن کي الائونس به ملي چڪو آهي.

 هنن ٻڌايو ته  اسان وٽ بهانا ڪيا پيا وڃن ۽ ملازم تنظيم به انتظاميه سان ٻٽ بڻيل آهي،

 هنن چيو ته انتظاميه جي شاهه خرچين ۾ اضافي سبب يونيورسٽي کي مالي مسئلن ۾ گهيريو ويو آهي.

 ملازمن مطالبو ڪيو ته سندن پگهار ۽ الائونسز جي رهيل اڌ رقم ترت ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے