19 اربع , سيپٽمبر 2018

عمران خان نااهلي ڪيس: نئين بئنچ جوڙڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

Jhol: Pistol clean-ins using tablet dies youngاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان نااهلي ڪيس لاءِ نئين بئنچ جوڙڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. جسٽس اينڊ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي عبدالوهاب بلوچ نئين بئنچ جوڙڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.  درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان هڪ ناجائز ڌيءَ جو پيءُ آهي، نامزدگي ڪاغذن ۾ هن ان جو اعتراف نه ڪيو آهي، آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت عمران خان کي نااهل ڪيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس اطهر من الله جي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت بعد بئنچ ٽٽي وئي آهي، عدالت کي درخواست آهي ته اهم نوعيت جو معاملو آهي، بئنچ جلد جوڙي وڃي. رجسٽرار آفيس درخواست چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي موڪلي ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے