19 اربع , سيپٽمبر 2018

پاڻيءَ جو غير قانوني استعمال: سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ڊي جي نيب طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ سيمنٽ فيڪٽرين پاران پاڻي جي غير قانوني استعمال جي معاملي ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ڊي جي نيب کي به طلب ڪيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ سيمنٽ فيڪٽرين طرفان پاڻي جي غير قانوني استعمال جي معاملي جي ٻڌڻي ڪئي، ڪمپنين جا نمائندا پنهنجي وڪيلن سميت عدالت ۾ پيش ٿيا. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته 10 لک في ڪيوسڪ روزاني مقرر قيمت کي هٿ سان مهينو ڪيو ويو. چيف جسٽس چيو ته نوٽيفڪيشن ۾ ڪنهن تبديلي ڪئي تنهن کي سامهون آندو وڃي.  هن چيو ته پهريون ئي پاڻي جي کوٽ آهي، اهڙي قدم سان ملڪ کي خشڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.  چيف جسٽس چيو ته ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، جنهن کي استعمال ڪيو پيو وڃي اهو پيئڻ جو پاڻي آهي، توهان جي ڪمپني سبب ڪٽاس راج جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي. هن چيو ته سي پيڪ رٿا مڪمل ڪرڻ لاءِ سي پيڪ سيمنٽ ڪمپني بند نه ٿا ڪرڻ چاهيون. چيف جسٽس چيو ته عدالت زمين هيٺ پاڻي استعمال ڪرڻ کان روڪيو ته قدرتي پاڻي جو استعمال شروع ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے