19 اربع , سيپٽمبر 2018

ملڪ جو گردشي قرض هڪ هزار 148 ارب رپين تائين پهچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاور ڊويزن جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪ جو گردشي قرض هڪ هزار 148 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن کان 5 ڏهائي 817 ارب رپيه وصول ڪرڻا آهن. گردشي قرضن بابت سنيٽ جي خاص ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن جي اختيارين اجلاس کي بريفنگ ڏني. پاور ڊويزن جي اختيارين موجب پاور هولڊنگ ڪمپني کي 618 ارب رپين جو قرض ڏنو ويو جڏهن ته پاور هولڊنگ ڪمپني جي ذمي 582 ارب 86 ڪروڙ رپيه بقايا آهي ۽ پاور ڪمپني مٿان 153 ارب رپيه وياج به بقايا آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ گردشي قرض هڪ هزار 148 رپين تائين پهچي ويو آهي ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ذمي 566 ارب رپيه آهي. نيپرا کي اهو قرض اگهن ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي ۽ نيپرا ڪيترائي ڀيرا پاور ڊويزن جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. نيپرا جو موقف آهي ته قرض ترقياتي بجيٽ ناهي. پاور ڊويزن جي اختيارين چيو ته مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن کان 5 ڏهائي 817 ارب رپيه وصول ڪرڻا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے