25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نوجوت سنگهه سڌو وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ اڄ پاڪستان پهچندو

Nawajit Singh will be present today to attend the Prime Minister's Holidays ceremonyلاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ موجودا سياستدان نوجوت سنگهه سڌو وزيراعظم جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ اڄ پاڪستان پهچندو. ذريعن موجب نوجوت سنگهه سڌو واهگا بارڊر رستي اڄ لاهور پهچندو جنهن بعد شام 5 وڳي تائين هو اسلام آبادپهچندو. ذريعن موجب نوجوت سنگهه سڌو اڄ رات نامزد وزيراعظم عمران خان سان پڻ ملاقات ڪندو. پاڪستان جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ جو عمل اڄ مڪمل ٿيندو ۽ نئون وزيراعظم سڀاڻي ايوان صدر ۾ تقريب دوران صدر ممنون حسين کان پنهنجي عهدي جو حلف وٺندو.يادرهي ته تحريڪ انصاف جي طرفان امڪاني وزيراعظم عمران خان جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ٽن ڀارتي ڪرڪيٽرن کي دعوت ڏني وئي هئي جن مان ڪپيل ديو ۽ سنيل گواسڪر  ذاتي مصروفتين سبب پاڪستان اچڻ کان معذرت ڪئي هئي. نوجوت سنگهه سڌو عمران خان جي حلف برداري تقريب جي دعوت ملڻ کي اعزاز قرار ڏنو ۽ ڀارتي ميڊيا طرفان سخت تنقيد باوجود پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري اي سي سي جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے