23 آچر , سيپٽمبر 2018

عمران خان ڪي پي ۾ صوبائي ڪابينا جي منظوري ڏئي ڇڏي

بني گالا ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف قيادت ڪي پي ۾ 10 رڪني حڪومتي ڪابينا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ هڪ عورت وزير به شامل آهي.  بني گالا ۾ ٿيل ڊگهي مشاورت کانپوءِ تحريڪ انصاف قيادت ڪي پي ڪابينا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.مشاورتي اجلاس ۾ نئين چونڊيل وڏي وزير محمود خان،اسپيڪر ڪي پي اسيمبلي مشتاق غني به شرڪت ڪئي. پارٽي ذريعن موجب تحريڪ سربراهه عمران خان 10 رڪني ڪابينا جي منظوري ڏئي ڇڏي. اختلافن کان بچڻ لاءِ وزيرن جي نالن کي ڳجهو رکيو ويو آهي، عمران خان جي هدايتن سبب نالن کي ظاهر نه پيو ڪيو وڃي. ذريعن موجب ڪابينا ۾ گهڻي قدر گذريل حڪومت جا وزير شامل آهن، عاطف خان ۽ شهرام خان کي سينئر صوبائي وزير بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے