19 اربع , سيپٽمبر 2018

انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني ستن ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي جوابدار انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني کي ستن ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. مني لانڊرنگ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ ٿي. ان موقعي تي ايف آءِ اي پاران جوابدارن انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جوابدارن جا وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ شهادت اعواڻ به عدالت ۾ پيش ٿيا. جوابدار انور مجيد عدالت ۾ ميڊيا جي موجودگي تي اعتراض ڪندي چيو ته توهان چيو هو ته ميڊيا نه هوندي جنهن تي ايف آءِ اي آفيسرن ميڊيا کي اشارو ڪندي پوئتي ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي طرفان جوابدارن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي جنهن موجب آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جو نالو 19 ۽ 20 هين نمبر تي آهي جڏهن ته فريال ٽالپر گرفتاري کان بچڻ لاءِ ضمانت حاصل ڪري چڪي آهي، ايف آءِ اي طرفان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي. ايف آءِ اي عدالت کي درخواست ڪئي ته جوابدارن کان جاچ لاءِ رمانڊ ڏنو وڃي. عدالت جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي جوابدارن انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني کي ستن ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے