22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اسپاٽ فڪسنگ ڪيس: ناصر جمشيد تي 10 سالن جي پابندي

Spot-fixing case: 10 years ban on Nasir Jamshidلاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي ٻئين ايڊيشن دوران اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث مرڪزي ڪردار ناصر جمشيد تي 10 سالن جي پابندي لڳائي وئي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ٽريبونل ناصر جمشيد تي پابندي جو حڪم جاري ڪندي کيس هر طرز جي ڪرڪيٽ کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ هو مستقبل ۾ ڪرڪيٽ يا مينجمنٽ ۾ پنهنجو ڪو به ڪردار پڻ ادا نه ڪري سگهندو. پي سي بي اينٽي ڪرشن ڪوڊ 5 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ناصر جمشيد کي چارج شيٽ جاري ڪئي جنهن موجب مٿس، فڪسنگ، ڪرپشن جي خاطري، آڇ قبول ڪرڻ، رانديگرن کي فڪسنگ لاءِ همٿائڻ ۽ اختيارين کي رپورٽ نه ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا.اينٽي ڪرپشن ٽريبونل ۾ 6 آگسٽ تي ٻنهي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو. اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي اينٽي ڪرپشن ٽريبونل ناصر جمشيد تي هڪ سال جي پابندي پڻ لڳائي هئي جيڪا 13 فيبروري تي ختم ٿي هئي ۽ پابندي ختم ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي سندس خلاف نئين چارج شيٽ جاري ڪئي وئي. ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ٻئين ايڊيشن دوران سامهو ايندڙ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ پي سي بي ناصر جمشيد کي مرڪزي جوابدار قرار ڏنو هو. ان ڪيس ۾ خالد لطيف، شرجيل خان، شاهزيب حسن سزا ڪاٽي رهيا آهن، جڏهن فاسٽ بالر محمد عرفان پنهنجي سزا پوري ڪري چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے