20 خميس , سيپٽمبر 2018

گم ڪيلن بابت پوليس ڪڏهن به حقيقت ناهي ٻڌائي: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ 20 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ان موقعي تي پاڪستان نيوي جي ملازم عمران يوسف سميت ٻين گم ٿيلن جي بازيابي جي لاءِ ٻڌڻي ڪئي .جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته پوليس آفيسرن پاران عدالت کي گم ٿيل ماڻهن جي حوالي ڪا به حقيقت نه ٻڌائي ويندي آهي. هن چيو ته هي ڪورٽ آف لاءِ آهي ته اصل حقيقتن کان عدالت کي آگاهه ڪيو ويو. جاچ آفيسر چيو آهي ته نيوي ملازم جي حوالي سان جاچ جاري آهي جن جوابدارن کي نامزدڪيو ويو آهي ان جو هن ڪيس سان تعلق نه آهي. عدالت ڪمانڊنگ آفيسر کي جاچ ڪري 18سپيٽمبر تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .جڏهن ته ساڳي عدالت ڪراچي ۾ گم ٿيل ٻارڙن جي ٻازبابي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي آهي عدالت ڪيس جي مانيٽرنگ جي لاءِ ڊي آءِ جي آفيسر جاچ جي لاءِ مقررڪيو ويو آهي .آءِ جي سنڌ به فوري ان حوالي سان حڪم جاري ڪري.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے