22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عمران جو سئوٽ ڪي پي ڪي اسپتالن ۾ سهولتون نه پيو ڏئي: چيف جسٽس

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabadاسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورت ۾ مختلف ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿيون. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ (ڪي پي ڪي) جي سرڪاري اسپتال بابت ٻڌڻي ڪئي. جسٽس عمر عطا بنديال ٻڌڻي شروع ٿيندي چيو ته اصل اشو اسپتالن جي فعال ٿيڻ آهي. حڪومت چوي ٿي اسپتالن لاءِ بورڊ جوڙيو آهي. چيف جسٽس چيو ته اسپتالن جي حالت خراب آهي. عمران خان جو سئوٽ ڪي پي ڪي اسپتالن جو سسٽم هلائي رهيو آهي. شوڪت خانم صحيح هلي ٿي پر سرڪاري اسپتالن ۾ صفائي به نه ٿي ٿئي. ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ۾ ٻارڙي روحان بابت ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ هڪ ساله روحاني کي والده حوالي ڪري ڇڏيو. سيمنٽ فيڪٽري ۾ پاڻي جي مفت استعمال ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار سڀاڻي بيسٽ وي سيمينٽ جي سربراهه ۽ اعليٰ انتظاميه کي طلب ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ته سيمينٽ فيڪٽري وارا وڏا ماڻهو آهن، 2 سيمنٽ فيڪٽرين کي سڀاڻي 20، 20 ڪروڙ رپيه جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏينداسين، هڪ مهيني ۾ پاڻي جي قيمت ادا ڪن يا وري فيڪٽريون بند ڪري ڇڏينداسين. سيمنٽ فيڪٽرين ۾ پاڻي مفت استعمال ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سپريم ڪورٽ ۾ ڪئي.  چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سيمنٽ فيڪٽريون هزارين ڪيوسڪ پاڻي استعمال ڪري چڪيون آهن ۽ فيڪٽرين پاڻي عيوض هڪ ٽڪو به اڃا تائين ادا نه ڪيو آهي، سيمنٽ فيڪٽريون پنهنجي متبادل پاڻي جو بندوبست ڪن.029

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے