26 اربع , سيپٽمبر 2018

واجپائي جو لاڏاڻو: پاڪ ڀارت امن دوست ڌرين جو نقصان آ

اسد ممتاز رڏ

1926 ۾ مدهيه پرديش جي اهم گھراڻي ۾ جنم ورتل غير معمولي سياستدان، ڀارت جو اڳوڻو وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي ڪالهه 93 سالن جي ڄمار کانپوءِ ديهانت ڪري ويو .

اٽل بهاري واجپائي ٽي ڀيرا ڀارت جو وزيراعظم رهيو، سندس دور ۾ ڀارت ايٽمي ڌماڪا ڪري سڄي دنيا جو ڌيان ڇڪرايو. ان دور ۾ پاڪستان جو وزيراعظم نوازشريف هو جنهن پڻ جواب ۾ ائٽمي ڌماڪا ڪيا هيا. انهن ائٽمي ڌماڪن کانپوءِ ٻنهي ملڪن واري ڇڪتاڻ ٻرنديءَ تي تيل هاري ڇڏيو يعني جنگ جو ماحول جڙڻ  لڳو . بارڊر جي ٻنهي پاسي خوف ئي خوف هو، ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ ٻنهي ملڪن ۾ وري ڪا وڏي جنگ لڳڻ واري آهي.

اٽل بهاري واجپائي، انهيءَ امڪاني جنگ واري ماحول ۾ پاڪستان جو دورو ڪري پاڻ کي جُرئت مند حڪمران ثابت ڪيو. اها جُرئت مندي امن پسند سياستدان ئي ڏيکاري سگهي ٿو. ”جو وڙ جن سين جڙي سو وڙ سي ئي ڪن“. سو واجپائيءَ ان شعر جي مصداق جنگ بجاءِ امن ۽ نفرت بجاءِ محبت جي حمايت جو اعلان ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام جون دليون کٽي ورتيون . هن بارڊر تي فائربندي جو اعلان ڪيو تنهن پوءِ هئي ايئن بارڊر جو امن بحال ٿيو .

هن ڪشمير جي مسئلي کي  ڪشميريت ، جمهوريت ۽ انسانيت جي بنياد تي حل ڪرڻ  جو واعدو ڪيو ، هو پاڪستان سان سٺا ۽ بهتر لاڳاپا رکڻ جو قائل هو، سندس دور ۾ يادگار ”صداءِ سرحد“ نالي بس سروس جي شروعات ٿي جنهن کي پاڪ هند جي لاڳاپن جي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان ياد ڪيو ويندو.

هو نه صرف هڪ مدبر سياستدان، اعليٰ پائي جو رهنما، بهترين مقرر هو، پر هڪ تمام سٺو شاعر ۽ ليکڪ هو.2005ع ۾ هن سياست کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو ۽ باقي زندگي لکڻ پڙهڻ جي حوالي ڪئي .

اٽل بهاريءَ سياست کي پنهنجو جيون ساٿي بڻايو ۽ شادي کان انڪار ڪيو . سندس ديهانت عالمي سياست ، ادبي حلقن سان گڏ ڀارت ۽ پاڪستان جي امن پسند دوست ڌرين جو پڻ تمام وڏو نقصان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي حڪومت، سنڌ جا سُڪل ڦٽ تازا ڪري ڇڏيا

سارنگ پيرزادو جيڪڏهن ڪنهن شخص کي گهڻا ڌڪ لڳن ۽ اهي ڦٽ ٿي وڃن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے