19 اربع , سيپٽمبر 2018

رپورٽ: استاد نصرت فتح علي خان جي اڄ 21 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

Teacher 21th anniversary of Nusrat Fateh Ali Khan todayگيتن ذريعي هزارين دلين تي راڄ ڪندڙ موسيقي جي ديوتا استاد نصرت فتح علي خان جي اڄ 21 هين ورسي ملهائي پئي وڃي.

استاد نصرت علي 13 آڪٽوبر 1948 ع تي فيصل آباد ۾استاد فتح علي خان جي گهر ۾جنم ورتو.

استاد نصرت فتح  علي کي سندس والد ڊاڪٽر بڻائڻ چاهي پيو پر نصرت فتح علي خان استاد مبارڪ علي جي شاگرديءَ هيٺ موسيقي ۾اهڙا ته رنگ ڀريا جو سندس آواز هزارين دلين جو قرار بڻجي ويو

استاد نصرت فتح علي خان کي عوامي شهريت 1971 ع ۾ ڳايل قوالي “ حق علي علي سان ملي ” ۽ پوءِ صوفياڻا ڪلام هجن، غزل، گيت يا قوالي استاد نصرت فتح علي خان ڳائيڪي جو هڪ وڏو نالو بڻجي ويو

موسيقي جي هن بادشاهه جي آواز جي خوشبو اولهه توڙي اوڀر جي ملڪن سميت سرحدن جي حدن کان اڳتي نڪري امر بڻجي وئي

استاد نصرت فتح علي خان جا 125 آلبم رليز ٿيا، سندس اهڙو رڪارڊ گنيز بڪ آف ورڊ رڪارڊ ۾ به درج ٿيل آهي…….

ٻڌندڙن تي وجد تاري ڪري ڇڏيندڙ استاد نصرت فتح علي خان 17 آگسٽ 1997 ع تي گڙدن جي مرض سبب چاهيندڙ کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

استاد نصرت فتح علي خاج جي وڇوڙي کي 21 ورهيه وهامي ويا آهن پر هن موسيقي جي دنيا کي اهڙو ڏينهن ڏيکاريو آهي جنهن جي شام ڪڏهن به نه ٿيندي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Land occupied by influential

نيوز: ڌاٻيجي: تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن۽ چونڊيل نمائندن  جو قبضو

*ڌاٻيجي ويجهو تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن چونڊيل نمائندن سان ملي ڀڳت ڪري مبينا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے