25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. اختيارين موجب ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر پڻ ٿيا آهن. وقفي وقفي سان پوندڙ تيز مينهن جي نتيجي ۾ ڪيرالا جا سمورا درياهه، نديون ۽ نالا اُٿلي پيا آهن ۽ ٻوڏ جو پاڻي اڳتي وڌي رهيو آهي. ڪيترن ئي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ بي گهر ٿيل ماڻهو امداد جي اوسيئڙي ۾ آهن. رياستي انتظاميا هيل تائين هڪ لک 47 هزار ماڻهن کي امدادي خيمن ۾ پناهه ڏني آهي. سڄي رياست ۾ بي گهر ماڻهن لاءِ 13 سئو کان وڌيڪ عارضي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. امدادي سرگرمين ۾ ڀارت جي زميني، سامونڊي ۽ هوائي فوج جا دستا حصو وٺي رهيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف الرحمان جي  ويئر هائوس مان 20 قيمتي گاڏيون هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽمز انٽيليجنس روايت ويجهو مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے