20 خميس , سيپٽمبر 2018

عمران خان ۽ بلاول طرفان اٽل بهاري واجپائي جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته واجپائي قدآور سياسي شخصيت هو، پاڪ – ڀارت لاڳاپن جي حوالي سان سندس ڪوششون ياد رکيون وينديون، ان جي لاڏاڻي سان ڏکڻ ايشيا جي سياست ۾ خال پيدا ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين موجب امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون سرحد جي ٻنهي پاسن کان ٿينديون آهن، امن قائم ڪرڻ سان ئي واجپائي جي خدمتن جو حقيقي اعتراف ممڪن ٿيندو، ڏُک جي هن گهڙي ۾ ڀارت سان گڏ آهيون. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به اٽل بهاري واجپائي جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار ڪندي چيو ته هن پاڪستان ۽ ڀارت ۾ اعتماد سازي جون ڪوششون ڪيون، اميد آهي ته ڀارتي حڪومت واجپائي جي روايتن کي برقرار رکندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميزباني تي سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ميزباني تي سعودي عرب جا ٿورا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے