19 اربع , سيپٽمبر 2018

آمدني کان وڌيڪ اثاثا: نيب خواجا آصف خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب اڳوڻي پرڏيهي وزير خواج آصف خلاف مني لانڊرنگ ذريعي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب جي پڌرائيءَ موجب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران خواجا آصف خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته خواجا آصف تي مني لانڊرنگ ذريعي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي، جنهن سان قومي ناڻي کي 36 لک 68 هزار 671 ملين رپيا نقصان پهتو. نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ پورٽ اينڊ شپنگ جي اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري خلاف به بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني. نيب موجب بابر غوري ۽ ٻين تي غير قانوني ڀرتين جو الزام آهي، جنهن سان قومي ناڻي کي 2 ارب 85 ڪروڙ رپين جو نقصان پهتو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے