21 جمعو , سيپٽمبر 2018

چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي 10 سالن جي حڪمراني ختم ٿي وئي آهي ۽ تحريڪ انصاف جو حمايت يافته چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. پنجاب اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر راڻا محمد اقبال جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ پرويز الاهي ۽ چوڌري محمد اقبال ۾ مقابلو ٿيو.  پرويز الاهي 201 هڪ ووٽ کڻي پنجاب اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. مسلم ليگ ن جي چوڌري اقبال کي 147 ووٽ ملي سگهيا آهن. اسپيڪر جي چونڊ کانپوءِ پرويز الاهي قسم کڻي اسپيڪر جي سيٽ سنڀالي ورتي. تحريڪ انصاف، اتحادين ۽ مسلم ليگ ن ميمبرن جي نعريبازي سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے