20 خميس , سيپٽمبر 2018

علي ظفر لاءِ آمريڪا ۾ ”پرائيڊ آف پاڪستان جو اعزاز

In honor of "Paid of Pakistan" for Ali Zafarلاس اينجلس(شوبز نيوز) پاڪستان جي ناليواري راڳي ۽ اداڪار علي ظفر کي آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ ٿيندڙ جشن آزادي واري تقريب ۾ ” پرائيڊ آف پاڪستان“ جي اعزاز سان نوازيو ويو. لاس اينجلس ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي طرفان پاڪستان جي 71 هين جشن آزادي وارو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ”يونائيٽڊ فور پاڪستان انڊيپينڊنس ڊي“ جي عنوان سان تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي علي ظفر ملي نغما ڳائي هم وطنن جو رت گرمايو ۽ ان سان گڏ ئي قومي ترانو پڙهي ملڪ جو نالو پڻ روشن ڪيو. تقريب ۾ کيس پاڪستاني ڪميونٽي طرفان ”پرائيڊ آف پاڪستان“ جي اعزاز سان نوازيو ويو. علي ظفر پنهنجي اعزاز جي ٽرافي انسٽاگرام تي مداحن سان شيئر ڪندي تقريب جي انتظاميا جا ٿورا پڻ مڃيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے