23 آچر , سيپٽمبر 2018

پ پ کي 20 سيڪرو ووٽ وڌيڪ مليا، عوام جو اعتماد ختم نه ٿيندو: مراد علي شاهه

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي نئين چونڊيل وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي عوام جي پ پ تي اعتماد جي ڳڻپ ختم نه ٿيندي. وڏو وزير چونڊجڻ بعد ايوان کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته منهنجو والد به وڏي وزير جي ڪرسي تي رهيو آهي، پنهنجي امڙ جي دعائن سان مان هتي پهتو آهيان. هن چيو ته 1971ع ۾ ماڻهن جي حقن جو خيال نه رکيو ويو ۽ اڌ پاڪستان وڃائي ڇڏيو.سندس چوڻ هو ته قائد اعظم کانپوءِ ملڪ غلط رخ ۾ هليو ويو،هڪ دور ۾ اخبارون سينسر هيون، خبرن جي جاءِ خالي هئي. مراد علي شاهه چيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت وقت ملڪ مشڪل ۾ هو،  آصف علي زرداري اڳتي اچي چيو ته چونڊون ٿينديون. هن چيو ته پنهنجي قيادت جو ٿورائتو آهيان جن مون کي ذميواري ڏني آهي. مراد علي شاهه چيو ته پ پ جي ووٽن ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اليڪشن ۾ آزادي نه ڏني وئي، 85 سيٽون کسيون ويون، جن کٽيا آهن کين خبر به ناهي ته ڪيئن کٽي آيا آهن. هن چيو ته سنڌ کي تمام گهٽ مقدار ۾ پاڻي ملي رهيو آهي، اسان عوام لاءِ ڪم ڪيو تنهن ڪري اسان تي اعتماد ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته مان ٻن سالن جي ڳالهه ڪئي ڇا ٻن سالن ۾ فرق نه آيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته زراعت جي شعبي ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي، هر ڀيري مخالف گڏ ٿي ويندا آهن هن ڀيري به ڪو فرق نه پيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے