24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: اڳڙا: خيرپور جي صحافي خان محمد مڱڻهار تي پوليس جو تشدد…

Aghra: Protest by journalists against police for victimizing journalist *اڳڙا ۾ صحافي خان محمد مڱڻهار تي پوليس جي تشدد خلاف قلم ڌڻين پاران احتجاج ڪيو ويو .

صحافين شفيق احمد کهڙو.روشن علي ملڪ.الھداد اڄڻ.عجيب لاکو.ڪشور ڪمار  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي صحافين چيو ته خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي بدمست پوليس بدمعاشي ۽ پوليس گردي جو مظاهرو ڪري سينيئر صحافي خان محمد سميت ٻين صحافين ۽ ڪيئمرامين تي وحشياڻو تشدد ڪري دھشتگردي ڪئي آهي.

هنن چيو ته صحافين تي تشدد ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ واري پوليس گردي واقعي ۾ ملوث ايس ايڇ او سميت ٻين پوليس اھلڪار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ باوجود خيرپور پوليس اڃان تائين پنھنجي پٽي ڀائين کي گرفتار ناھي ڪيو .

.ھنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي خيرپور ۾ سينيئر صحافي خان محمد ۽ ٻين مٿان وحشياڻو تشدد  ڪندڙ  ايس ايڇ او مشتاق جتوئي سميت ملوث پوليس اهلڪار جوابدارن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏئي ۽کين بنادير قانون جي گرفت ۾ آڻي عبرتنا ڪ سزا ڏني وڃي………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے