23 آچر , سيپٽمبر 2018

قرض معافي ڪيس: بنيادي رقم جو 75 سيڪڙو نه ڏيندڙن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم

NICUL Case: Supreme Court directed the Accountability Court to complete the trial in two monthsاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ قرض معافي ڪيس ۾ بنيادي رقم جو  75 سيڪڙو جمع ڪرائڻ جي آپشن تي عمل نه ڪندڙن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ قرض معاف ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت آپشن نمبر 2 تي عمل ڪندي باقي ڌرين جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته رپورٽ ۽ حالتون ڏسي فيصلو ڪيو آهي ته معاملي کي هتي ئي حل ڪيو وڃي، هنن پرنسپل امائونٽ تي 25 سيڪڙو رعايت ڏني هئي، نيڪ نيتي ظاهر ڪرڻ لاءِ رقم جمع ڪرائي وڃي. هن چيو ته ماتحت عدالتن ۾ معاملا ٽنگجي نه وڃن تنهن ڪري ڌرين کي آپشن ون ڏنو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے