21 جمعو , سيپٽمبر 2018

دپيڪا ۽ رنوير جي شادي ۾ موبائل فون جي استعمال تي پابندي هوندي

The use of mobile phones in Deepika and Ranveer wedding will be bannedممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي مشهوري جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه جي شادي ۾ شرڪت ڪندڙ مهمان موبائل فون استعمال نه ڪري سگهندا. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب دپيڪا ۽ رنوير پنهنجي شادي جي سموريون تقريبون سوشل ميڊيا کان پري رکڻ چاهن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي جي شادي ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي موبائل استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.ٻنهي پنهنجي شادي کي ڊيسٽينيشن ويڊنگ قرار ڏيندي ان کي اٽلي ۾ منعقد ڪيو آهي جنهن ۾ رڳو ويجهن مٽن مائٽن کي دعوت ڏني وئي آهي. ٻئي اداڪار شادي هي هر تقريب دوران پرائيوسي کي ترجيح ڏيڻ چاهن ٿا. ٻنهي موجب ورات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما يا سونم ڪپور ۽ آنند آهوجا جي شادي وارين ويڊيوز ۽ تصويرون سڄي دنيا ۾ وائرل ٿيون هو اهڙو ڪجهه پسند ناهن ڪندا پر اها ڪوشش ڪري رهيا آهن سمورين ريتن رسمن ۾ پرائيوسي جو خاص خيال رکيو وڃي. سندن چوڻ آهي ته هي خانداني ايونٽ آهي جنهن کي هو پبلڪ نٿا ڪرڻ چاهن انڪري احتياط طور موبائل استعمال ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي. پر جيڪڏهن ڪنهن کي تصوير ۽ ويڊيو گهرج ۾ هوندا ته ان لاءِ خاص بندوبست ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے