19 اربع , سيپٽمبر 2018

وزيراعظم جي قسم کڻڻ جي تقريب سادگي سان ٿيندي: بابر اعواڻ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جي قسم کڻڻ واري تقريب سادگي سان ٿيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته عمران خان جا پرڏيهه ۾ ڪي به اثاثا نه آهن، سپريم ڪورٽ کيس هڪ سال تلاشي کانپوءِ صادق ۽ امين قرار ڏنو آهي. هن چيو ته عمران خان اسٽيٽس ڪو جي سياست کي ٽوڙي وزارت عظميٰ جو قسم کڻندو ۽ پاڪستان اڪيلائپ مان نڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ به ون ڊش جو انتظام ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے