19 اربع , سيپٽمبر 2018

مراد علي شاهه هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ جو سيد مراد علي شاهه هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي چونڊ ڪئي وئي. قائد ايوان لاءِ پ پ جي مراد علي شاهه ۽ گڏيل مخالف ڌر جي شهريار مهر ۾ مقابلو ٿيو. راءِ شماري ۾ 158 ميمبرن راءِ جو حق استعمال ڪيو. مراد علي شاهه 97 ووٽ کڻي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو جڏهن ته شهريار مهر کي 61 ووٽ ملي سگهيا. سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي چئن ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. مخالف ڌر جون 2 عورتون شاهانه اشعر ۽ ڊاڪٽر سيما ضياءَ ميمبرشپ جو قسم نه کنيو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جا 2 ميمبر عمران اسماعيل ۽ راجا اظهر به اسيمبلي نه پهتا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم ۽ صفدر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے