25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

آمريڪا: ريفريجريٽڊ ٽرالر ۾ لڪيل 78 غيرقانوني پرڏيهي گرفتار

US: 78 illegal illegal arrests hidden in the referrerate tireerنيويارڪ(ويب ڊيسڪ) آمريڪي بارڊر فورس ريفريجريٽڊ ٽرالر ۾ لڪيل 78 غيرقانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ ڀارتي شهري به شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪي بارڊر پيٽرول ايجنٽن گذريل هفتي ٽيڪساس جي چيڪ پوائنٽ تي لاڪ ڪيل ريفريجريٽڊ ٽرالر مان 78 پرڏيهين کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي غيرقانوني طريقي سان آمريڪا ۾ داخل ٿي رهيا هئا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويوآهي ته گرفتار ڪيل پرڏيهين جي صحت ٺيڪ آهي، گرفتار ڪيل غيرقانوني پرڏيهين ۾ ڀارت، هنڊراس، ايل سلواڊور، ميڪسيڪو، گوئٽي مالا، ارجنٽينا، ڪيوبا، نائيجيريا، چلي ۽ ترڪي جا شهري شامل آهن. رپورٽ موجب آمريڪي بارڊر فورسز هيوسٽن ۽ ٻين سرحدي علائقن ۾ پنجن ڏينهن دوران غيرقانوني طريقي سان آمريڪا ۾ داخل ٿيندڙ 100 کان وڌيڪ غيرقانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو آهي.رپورٽ موجب آمريڪي بارڊر فورس جو چوڻ آهي ته ڪجهه ماڻهن کي غيرقانوني داخلا بعد ڊي پورٽ ڪرڻ باوجود ٻيهر غيرقانوني طور آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي ڏوهه ۾ ڏوهاري ڪاروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.  ٻئي پاسي اهي ماڻهو جن خلاف ڪيس ناهي هلايو ويندو انهن کي اميگريشن ڪسٽمز انفورسمنٽ(آءِ سي اي) جي تحويل ۾ رکيو ويندو ۽ پوءِ کين آمريڪا مان بيدخل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے