20 خميس , سيپٽمبر 2018

افغانستان ۾ تعليمي مرڪز ٻاهران آپگهاتي ڌماڪو، 60 ڄڻا اجل جو شڪار 

The educational center in Afghanistan is outside the bustle, 60-year-old huntingڪابل(ويب ڊيسڪ) افعانستان جي گادي واري شهر جي تعيلمي مرڪز ٻاهران آپگهاتي حملي ۾ 60 ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن جن مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. افغان صحت کاتي پاران ڌماڪي ۾ 25 ڄڻن جي مارجڻ ۽ 35 جي زخمي هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. مقامي ميڊيا موجب آپگهاتي بمبار پاڻ کي تعليمي مرڪز ٻاهران ڌماڪيدار مواد جي مدد سان اُڏائي ڇڏيو . ڪنهن به گروپ طرفان اڃان تائين حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي وئي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پڻ افعانستان جي مختلف شهرن ۾ طالبان طرفان سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن تي حملن جي نتيجن ۾ 24 اهلڪار مارجي ويا هئا. هوڏانهن پاڪستان پاران ڪابل جي تعليمي اداري ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ ڪابل ۾ تعليمي اداري ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي متاثر خاندانن سان ڏک جو اظهار ڪيو. پاڪستان جي تحريڪ انصاف جي نامزد وزيراعظم عمران خان پڻ ڪابل ۾ آپگهاتي حملي  جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. عمران خان افعان حڪومت ۽ عوام سان گڏ دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ

 نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڇهين ڏينهن به اضافو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے