26 اربع , سيپٽمبر 2018

مخالف ڌر نوان طريقا اختيار ڪندي ته اسان به تيار آهيون: مراد شاهه

Nawabshah: The beauty of Mohammad Ismaili entered the Bad, PMO hospitalڪراچي:  سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي نامزد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ٻيو ڀيرو چونڊجي آيو آهي، پ پ هميشه مخالف ڌر کي به موقعا ڏنا پر پ پ کي مخالف ڌر ۾ هوندي موقعا نه ڏنا ويندا هئا، هن چيو ته مخالف ڌر وارا چون ٿا ته اسپيڪر لاءِ ٻه ووٽ نه مليا، آئون چوان ٿو ته پ پ جا 97 ميمبر هئا 98 ووٽ ڪيئن مليا مخالف ڌر وارا پنهنجي صفن ۾ ڳولا ڪن، هن چيو ته مخالف ڌر وارن غلطيون مڃيندي چيو آهي ته هاڻي هو نوان طريقا اختيار ڪندا، اسان ان لاءِ به تيار آهيون، باقي چونڊن دوران ماضي ۾ به گيلرين ۾ نعرا لڳندا رهيا آهن، ۽ اڳتي به لڳندا رهندا. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ايم پي اي خواجا اظهار الحسن چيو ته حڪومت پنهنجي صفن ۾ جاچ ڪري ته ان کي اسپيڪر جي چونڊ ۾ ٻه ووٽ گهٽ ڪيئن مليا، هن چيو ته عوام لاءِ قانونسازي ۾ مخالف ڌر حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي ۽ اڳتي به ڏيندي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي محمد حسين چيو ته اسپيڪر کي هاڻي سياسي واسطا ڇڏي سڀني کي برابر موقعا ڏيڻ گهرجن، جي ڊي اي جي شهريار مهر چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي جو چيئرمين مخالف ڌر جو هجڻ گهرجي، اسيمبلي ۾ ريسرچ ونگ هجڻ لازمي آهي، جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي چيو ته اڳ مخالف ڌر سان ناانصافي ڪئي وئي، هاڻي وڏي وزير کي گهرجي ته مخالف ڌر کي به گڏ کڻي هلي، چاهيون ٿا ته اسيمبلي جو ماحول بهتر رهي پر جيڪڏهن حڪومتي ڌر طرفان ذاتي حملو ڪيو ويو ته جواب ضرور ايندو، پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان ۽ حليم عادل شيخ چيو ته هائوس مان قوم کي سٺي خبر ملڻ گهرجي. پ پ ايم پي اي ناصر حسين شاهه چيو ته مخالف ڌر وارا چون ٿا ته 6 وڳي تائين وڏا ووٽ پيا پر پوءِ 6 وڳي بعد وڏا وڏا ماڻهو ڪيئن هارائجي ويا، ان موقعي تي ايم پي ايز سردار شاهه، سهراب سرڪي، ممتاز جکراڻي، غلام قادر چانڊيو، ممتاز چانڊيو، حسنين مرزا، راجا عبدالرزاق، شهلا رضا، عبدالرشيد ۽  تيمور ٽالپر پڻ خيالن جو اظهار ڪندي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي واڌايون ڏنيون.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيڪٽا جي جائزي لاءِ ڪميٽي قائم، انتهاپسندي خلاف ڊگهي ويڙهه ڪرڻي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد   (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے