22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: تنگواڻي:  پوليس جو ڳوٺاڻي تي تشدد ، ڳوٺاڻن جو احتجاج

Tangwani: Police victimized villager, Protest by villagers*تنگواڻي ويجهو پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري چئن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري کڻي وئي، هڪ نوجوان تي  مبينا طور تشدد  ڪري کيس روڊ تي اڇلائي ڇڏيو، نوجوان جي وارثن ٿاڻي اڳيان احتجاج  ڪيو .

پوليس ڳوٺ ماهي نندواڻي تي چڙهائي  ڪري ڌڻي بخش،عبدالطيف،وحيد،نادر نندواڻي کنڀي کڻي وئي.

ايس ايڇ او حفيظ چاچڙ  جي وحشياڻي تشدد سبب   نادر نندواڻي بيهوش ٿي ويو جنهن کي پوليس روڊ اڳيان ڦٽو ڪيو .

 نوجوان جي وارثن،نورحسن،دوست محمد  نندواڻي ٻيا پهچي نوجوان نادر نندواڻي کي بيهوشي جي حالت ۾ روڊ رکي ٿاڻي سامهون ڌرڻو احتجاج ڪيو .

ڳوٺاڻن چيو ته پوليس بنا ڪنهن سبب  جي سندن نوجوان کي گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو .

هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي ……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

News: Two: Condition of innocence message in Psychiatrist's disease is bad, support appeal

نيوز : ٻهارا: ٿيلسيميا جي بيماري ۾ مبتلا معصوم نياڻي جي حالت خراب، مدد جي اپيل

ٻھارا  ۾  ٿيليسيميا جي بيماري ۾ مبتلا معصوم نياڻي جي حالت خراب ٿيڻ لڳي ، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے