25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پ پ جو وزارت عظميٰ لاءِ شهباز شريف کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ ترجمان چوڌري منظور چيو آهي ته پيپلز پارٽي وزارت عظميٰ لاءِ شهباز شريف کي ووٽ نه ڏيندي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چوڌري منظور چيو ته وزارت عظميٰ لاءِ ن ليگ کي 3 ڏينهن اڳ ئي پنهنجي خدشن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو هو، کين چيو هو ته شهباز شريف کي ووٽ نه ڏينداسين. هن چيو ته پ پ وزارت عظميٰ لاءِ في الحال ڪو اميدوار ناهي بيهاريو، مرضيءَ جو اميدوار نه آيو ته ممڪن آهي ووٽنگ ۾ حصو ئي نه وٺون. سندس چوڻ هو ته پ پ اپوزيشن پارٽين کي پارليامينٽ آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، اسان ماڻهو ٽوڙڻ لاءِ ڪا ڪوشش نه ڪئي، چاهيون ٿا ته مسئلا ختم ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي. پ پ ترجمان موجب اسان کي احتجاج جي طريقي ڪار تي اختلاف آهي، سيٽن تي ويهي احتجاج ڪرڻ گهرجي ها، اپوزيشن رڳو هڪ پوائنٽ تي گڏ ٿي آهي، اها پوائنٽ آهي ڌانڌلي، اسان جو اپوزيشن پارٽين سان ڪو اتحاد ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے