25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪراچي: نشيءَ هٿان تشد جو نشانو بڻايل پورهيت اسپتال ۾ فوت

Karachi: Deadly arms shot dead in Pargahat Hospitalڪراچي ۾ نشي کان روڪڻ تي جنوني ڀائيٽي پاران مبينا تشد جو نشانو بڻايل پورهيت اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

مزدوري لاءِ ڪراچي ويل ٽنڊي جان محمد واسي پورهيت اشرف  آرائين ڀائيٽي جي مبينا تشدد بعد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

پورهيت جي فوت ٿيڻ واري خبر تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.

فوتي پورهيت جي گهراوري زاهدا آرائين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته 25 ڏينهن اڳ نشي ڪرڻ کان روڪڻ تي مڙس جي ڀائيٽي ڪاشف سندس مڙس کي لٺين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد هو اسپتال ۾ داخل هو، جتي هن دم ڏنو.

هن چيو ته گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ سندس مڙس هو، سندس قتل سان هن سميت چئن ٻارڙن جي مستقبل جو به قتل ٿيو هو.

فوتي جي گهرواري آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏئي ساڻن انصاف ڪري.

هوڏانهن بلوچ ڪالوني پوليس اسٽيشن تي واقعي جي اين سي داخل ٿيل آهي، پر اڃان تائين ڪو به ملوث جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے