25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

تحريڪ انصاف سان ڀرپور سهڪار جاري رکنداسين: فهميدا مرزا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر فهميدا مرزا چيو آهي ته حڪومت جو ڀرپور سهڪار جاري رهندو، اسيمبلي ۾ بلوچستان جي نمائندگي سٺو سنئوڻ آهي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي فهميدا مرزا چيو ته نئين چونڊيل اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي واڌايون پيش ڪيان ٿي، بلوچستان جي نمائندگي سٺو سنئوڻ آهي، جي ڊي اي طرفان حڪومت جي ڀرپور سپورٽ جاري رهندي. قومي اسيمبلي جي پهرين عورت اسپيڪر طور ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته مون کي ان وقت ڪيترائي چئلينج هئا، مان ايوان جي بالادستي ۽ تقدس لاءِ قدم کنيا، ڪڏهن به ذاتي مسئلن کي اسپيڪر جي ڪرسي تائين پهچڻ نه ڏنو، اڄ شخصيتون ادارن کان مضبوط نظر اچي رهيون آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے