26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڇاڇرو: ڀيل برادري جي ماڻهن پاران بااثر ۽ پوليس خلاف احتجاج

Chachro: Affected by the people of the family and protest against the policeڇاڇري ۾ ڀيل برادري جي ماڻهن پاران ڳوٺاڻي کي زخمي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو ڳوٺ روهيراڙو ڀيل جي همٿو، سرتو ۽ ڪرشن ڀيل سميت ٻين اليڪشن ڏهاڙي بهادرو ڀيل کي حملو ڪري زخمي ڪندڙ بااثرن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن چيو ته بااثر ڌر جي ماڻهن اليڪشن واري ڏينهن حملو ڪري بهادرو ڀيل کي سخت زخمي ڪيو هو، جنهن جو ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس بااثرن کي گرفتار نٿي ڪري.

هنن چيو ته بااثر وڏيرا کُلي عام گهمي رهيا آهن، ۽ کين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري سندن حياتيءَ کي خطرو آهي.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيرن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ ڏين……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے