18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪشمور: شبانا شيخ جي قتل جو پتو نه پئجي سگهيو

kashmor: The address of the murder of Shuban Shaikh could not be foundڪشمور ڀرسان 3 ڏينهن اڳ نينگري جي پراسرار نموني لاش هٿ اچڻ واري واقعي ڪا به اڳڀرائي نٿي سگهي.

گڊو جي واپڊا ڪالوني جي رهواسڻ 8 ورهين جي نينگري شبانا شيخ جو ڏاڏي جي گهر مان پکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو هو، معاملي بابت پوليس کي ڪا به اڳڀرائي نٿي سگهي.

ڊاڪٽرن شڪ ڏيکاريو ته نينگري سان لڄالٽ ٿيل آهي، جنهن جا جزا ليبارٽري ڏانهن اماڻيا ويا آهن ھڪ ھفتي اندر رپورٽ ايندي جنهن بعد معاملي جي خبر پئجي ويندي.

ھوڏانھن گڊو پوليس نينگري جي لاش ھٿ اچڻ جي ٽن ڏينهن بعد نينگري جي گهر ڀرسان 7 ماڻهن جا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا وٺرائي لاهور ليبارٽري ڏانهن اماڻي ڇڏيا آهن.

پوليس موجب ڊي اين اي ٽيسٽ رپورٽ اچڻ بعد معاملو پڌرو ٿي ويندو، اڃا تائين ڪا به گرفتاري ناهي ٿي سگهي.

ٻي پاسي مقتول نينگري جي وارثن ۾ڪهرام متل آهي، سندن چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني نه آهي، پوءِ به نياڻيءَ سان ظلم ڪيو ويو آهي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | گاجي کهاوڙ: ڳوٺ خان محمد کهاوڙ مان  قديمي سيج ۽ جلوس برآمد ڪيو ويو

گاجي کهاو لڳ ڳوٺ خان محمد کهاوڙ مان  قديمي سيج ۽ جلوس برآمد ڪيو ويو، انجمن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے