18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

افغانستان جي راڄڌاني ۾ آپگهاتي ڌماڪو، 48 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل جي اولهندي علائقي ۾ آپگهاتي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 48 ڄڻا مارجي ويا آهن. ڌماڪو هڪ تعليمي مرڪز ٻاهران ٿيو ۽ اهو علائقو شيعن جي اڪثريت تي ٻڌل آهي. افغانستان جي گهرو وزارت موجب ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن، جڏهن ته طبي ذريعن مارجي ويلن جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. ڪابل پوليس جي ترجمان حشمت استانڪزئي جو چوڻ هو ته اڃا تائين ڌماڪي جي نوعيت بابت خبر ناهي پئجي سگهي، ڪجهه مقامي حلقن ان کي آپگهاتي ڌماڪو قرار ڏنو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم فنڊ ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ تي ڪراچي واسين جو ٿورائتو آهيان: وزيراعظم عمران خان

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان دل کولي ڊيم لاءِ چندو ڏيڻ تي ڪراچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے